ٻارن جي بهادري

ٻارن جي بهادري (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب ۾ 48 صفحا آهن ۽ قيمت 4 آنا ڄاڻايل آهي. هيءُ ڪتاب، ليکڪ، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد مان 1932ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1945ع ۾ ڇپايو ۽ پنجون ڇاپو، مدن لال پوڪرداس، مسلم ادبي پريس، حيدرآباد مان 1946ع ۾ ڇپايو. ڇهون ڇاپو به ساڳيءَ پريس 1947ع ۾ ڇپيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو